ديو گنڌار گنڌاري

ديو گنڌار/ گنڌاري (راڳڻي): هي آساوري ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، جنهن جي آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ ڌيوت جا سُر ورج آهن. امروهي سمپورن اٿس. گره جو سر مڌم ۽ نياس جو سر ورج آهي. هي راڳ آساوري ۽ ڌناسريءَ جي ميلاپ مان ٺهيل آهي. ڌناسريءَ جو انگ آروهيءَ مان ۽ آساوريءَ جو انگ امروهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو. ڪنهن گرنٿ ۾ هن کي ڀيروي ٺاٺ جي راڳڻي ڪري ڄاڻايو ويو آهي، جتي گنڌار ۽ نکاد جا سُر ورج آهن، پنچم وادي ۽ کرج نياس جا سُر ڄاڻايل آهن، ڪن ۾ وري ڪافي ٺاٺ جي راڳڻي ڄاڻائي آهي. ڪرناٽڪ وارن وٽ هيءَ راڳڻي بلاول ٺاٺ ۾ شامل آهي. هن کي عام طور گنڌاريءَ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو.
هن جي آروهي: سا ري ما پا نا سَا ۽ امروهي: سا نا ڌا پا ما گا را سا آهي. وادي سُر: کرج ۽ سموادي: پنچم آهي. جڏهن ته هيءَ راڳڻي منجھند جو ڳائبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو